پنجاب جي مختلف جيلن ۾ ٽي قيدي ڦاهي چڙهي ويا، آخري وقت ۾ 2 جي روڪي وئي

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي، پنجاب جِي مختلف جيلن ۾ قتل جَي وڌيڪ ٽِن جوابدارن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو. گـُجرانوالا جِي سينٽرل جيل ۾ صبح جو سوير قتل جَي ٻن جوابدارن اعجاز ۽ عبدالجبار کي ڦاهيون ڏنيون ويون. جوابدار عبدالجبار 2001ع ۾ پنهنجي دوست کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته اعجاز عرف ججي 1995ع ۾ ذوالفقار نالي هڪ شخص کان حياتي کسي هئي. فيصل آباد جِي سينٽرل جيل به قتل جَي هڪ جوابدار ظفر اقبال کي ڦاهيءَ  تي لٽڪايو ويو، هـُن 2005ع ۾ ڦر دوران مزاحمت تي عورت کي قتل ڪيو هو. ساڳئي ئي جيل ۾ موت جِي سزا ٻڌايل ٻن قيدين نظام الدين ۽ محمد حسين جِي وارثن ٺاهه ٿيڻ ڪري ڦاهي روڪي وئي. ياد رهي ته ملڪ ۾ موت جِي سزا تي عملدرآمد شروع ٿيڻ بعد هاڻ تائين 60 کان وڌيڪ ڏوهارين کي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *