پنجاب جي مختلف جيلن ۾ قتل جي ستن جوابدارن کي ڦاهي ڏني ويئي

فيصل آباد (اين اين آءِ) پنجاب جي مختلف جيلن ۾ قتل جي ستن جوابدارن کي ڦاهي ڏني ويئي تفصيل مطابق سينٽرل جيل فيصل آباد ۾ قتل جي ٽن جوابدارن کي صبح جو سوير ڦاهي ڏني ويئي ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا جوابدار نبيل احمد 2000 ۾ قتل ڪيو هو، محمد سليم ۽ محمد راشد 1998 ۾ قتل ڪيو هو ساهيوال سينٽرل جيل ۾ به موت جي سزا جي ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني ويئي جوابدار فياض 2003 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو جوابدار قيصر 2004 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شخص کي قتل ڪيو هو سينٽرل جيل ميانوالي ۾ ٻٽي قتل جي مجرم محمد اسلم خان کي ڦاهي ڏني ويئي محمد اسلم 1997 ۾ ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو هو گجرات جي جيل ۾ به موت جي سزا جي ٻن قيدي اقبال عرف بالا کي ڦاهي ڏني ويئي جوابدار 1998 ۾ قتل ڪيو هو گجرات ۾ ئي مندي بهاولدين جي جوابدار غلام رسول جي ڦاهي عدالت پاران اسٽي آرڊر کان پوءِ ملتوي ڪئي ويئي جوابدار غلام رسول 15 سال اڳ قتل ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *