پشيماني جو اظهار ، روينا ٽنڊن، پنهنجا ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا

 

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن، دنگل گرل زائرا وسيم کي ناشڪرو چوڻ تي پڇتائڻ لڳي جنهن بعد هن پنهنجا ٽوئٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيا.فلم “سيڪريٽ سپر اسٽار” ۽ “دنگل” ذريعي شهرت ماڻيندڙ اداڪارا زائرا وسيم جي مذهب خاطر بالي ووڊ ڇڏڻ جي اعلان سموري بالي وووڊ کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ هر ڪو ان معاملي تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيو آهي.پر اداڪارا روينا ٽنڊن اها پهرين شخصيت آهي جنهن زائرا جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي هن کي ناشڪرو قرار ڏنو هو ۽ گھڻي سخت لهجي ۾ چيو هو ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته رڳو ٻه فلمن ۾ ڪندڙ اداڪارا هن انڊسٽري کي ڇڏي رهي آهي جنهن کيس سڀ ڪجهه ڏنو. آئون رڳو اهو ئي چئي سگھان ٿي ته جيڪڏهن وڃڻو اٿو ته باوقار طريقي سان وڃو ۽ پنهنجا تنگ نظر خيال پاڻ تائين محدود رکو.پر هاڻي روينا ٽنڊن کي پنهنجن  لفظن جو سختي سان اندازو ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجي رد عمل تي پشيماني جو اظهار ڪندي چيو ته زائرا جو فيصلو اسان جهڙن ماڻهن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو ناهي جيڪي فلمن، سينيما ۽ انڊسٽري سان محبت ڪندا آهن. آئون پنهنجا پهريان ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري رهي آهيان جنهن ۾ آئون سخت لفظ استعامل ڪيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *