پشاور: گاڏي تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا، چڪرين ۾ اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور/بنون (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بنون جي جاني خيل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا آهن. سڪيورٽي ذريعن موجب، جاني خيل واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ دهشتگردن جي اهم ڪمانڊر سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب،معمول واري گشت دوران دهشتگردن پاران حملو ڪيو ويو، مارجي ويل ڪمانڊر جاني خيل ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جو اهم ليڊر هو. ٻئي طرف پشاور ۾ هڪ گاڏي تي فائرنگ ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، ذريعن مطابق پشاور جي علائقي تهڪال ۾ اڻڄاتل جوابدارن هڪ گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *