پشاور ڌماڪي جي مذمت، پاڪستان جا دشمن ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ پشاور ۾ مسجد اندر ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آھي. ھن چيو تھ پاڪستان جا دشمن اسانجي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اسانجي قوم اهڙين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ متحد آھن. سيد مراد علي شاهه انساني جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، ٻئي طرف  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي لائيو اسٽاڪ کاتي ڪراچي جي ڪيٽل ڪالوني جي چوپائي مال ۾ لمپي اسڪن ڊيزز (ايل سي ڊي) واري انفيڪشن کي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪيٽل ڪالوني جا ڍور جلد جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ڊيري فارمرز ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. وڏي وزير جي هدايت تي ڊي جي لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙي چوپائي مال کي وائرس کان بچاءُ لاءِ ويڪسينيشن لاءِ خصوصي ٽيمون ٺاهي ڇڏيون. ڪميٽي جو چيئرمين ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر رفيق ميمڻ کي مقرر ڪيو ويو؛ جڏهن ته ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن ۾ ڊاڪٽر حبيب الله جمالي، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ، ڊاڪٽر رشيد پيرزادو، ڊاڪٽر امجد شاهه ۽ ڊاڪٽر خالد جلباڻي شامل آهن، جن کي متاثر علائقن ۾ بيماريءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ سمورا ضروري اپاءَ ڪرڻ ۽ سندن وسيلا ڪتب آڻڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آھي. ٽاسڪ فورس متاثر علائقن مان متاثر ڍورن جا نمونا گڏ ڪري سينٽرل ويٽرنري ڊائگنوسس ٽنڊو ڄام ۽ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اينيمل هيلٿ ڪراچي کي موڪليندي. ٽاسڪ فورس ضرورت پوڻ تي لاڳاپيل ضلعن جي ھيومن ريسورس اينڊ فيلڊ فورس کي استعمال ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني وئي آھي. اھا ڪميٽي لاڳاپيل ميونسپل اختيارين سان پڻ رابطو ڪندي ته جيئن ڪالوني ۾ مڇر جي خاتمي لاءِ اسپري شروع ڪيو وڃي. ٽاسڪ فورس ڊي جي لائيو اسٽاڪ ۽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي روزاني جي بنياد تي اڳڀرائي رپورٽ پڻن پيش ڪندي. وفاقي حڪومت جي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ (لائيو اسٽاڪ ونگ) واري وزارت هڪ خط ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ لمپي اسڪن ڊيزيز جي تصديق ڪئي آهي ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪجهه هدايتون جاري ڪيون آهن. لائيو اسٽاڪ کاتي جي فيلڊ ٽيم يٽل ڪالوني ڪراچي جو دورو ڪري چوپائي مال کي حفاظتي ٽڪا لڳائڻ لاءِ دورو شروع ڪري ڇڏيو آهي. انهن ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ نمونا به گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ڊيري فارمز کي کير جي صحت مند پيداوار کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت سندن هر ممڪن مدد ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *