پشاور واقعي جي ڏک ۾سڄي ملڪ ۾ڪاروبار بند، تعليمي ادارن ۾قرآن خوانيون

پشاور(م.ڊ) پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول۾ڪالهه ٿيل دهشتگردي جي واقعي سچي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو آهي، ۽ سڄي پاڪستان جي هر گهر ۾ڏک جي لهر ڇانيل آهي، واقعي خلاف احتجاج طور سموري ملڪ جي واپاري برادري ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ڪاروبار کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن مطابق سڄي ملڪ ۾ڪاروباري ادارا ۽ مارڪيٽون بند آهن، خيبرپختونخواهه ۾سمورا تعليمي ادارا ۽ آفيسون بند آهن، جڏهن ته سنڌ،  پنجاب، بلوچستان ۾تعليمي ادارا کليل رهيا جتي پشاور جي شهيد ٿيل شاگردن جي ايصال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪئي وئي. دهشتگردي جي انهي واقعي تي وڪيلن به سخت احتجاج ڪيو آهي، ۽ سڄي ملڪ ۾بار ڪائونسل جي اپيلن تي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *