پشاور سميت ڪيترن ئي جيلن ۾ پاڪ فوج مقرر

پشاور (م.ڊ) پشاور سينٽرل جيل پشاور سميت هريپور تيمرگرهه ۽ ڊي آءِ خان جي جيلن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا خيبرپختونخواهه جي وڌن جيلن ۾ سيڪيورٽِ فورسز ايلٽ فورسز ۽ جيل فورس جي اهلڪارن ريهرسل به شروع ڪئي آهي ذريعن موجب انهن جيلن ۾ اهلڪارن کي الرٽ ريڊ الرٽ هاءِ الرٽ ۽ وار الرٽ جي ٽريننگ ڏني ويئي حساس قيدين جي سيڪيورٽي جي حڪمت عملي به تبديل ڪئي ويئي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي ته هن وقت 56 قيدين جي رحم جون درخواستون پاڪستان جي صدر وٽ موجود آهن جن مان 30 درخواستون شدت پسندن جون آهن جڏهن ته 36 ٻين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن جون آهن ذريعن موجب مشرف حملي ڪيس جي سزا مليل مجرم جي درخواست به اماڻي ويئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *