پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي: احسن اقبال

پشاور(م.ڊ) منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پشاور سانحي سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته امن ۽ استحڪام کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پشاور سانحي سڄي قوم کي دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ متحد ڪري ڇڏيو آهي ۽ دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پشاور ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ سانحي ڪر کنيو آهي، جنهن تي سڄي دنيا کي افسوس آهي، جڏهن ته انهي سانحي پاڪستان ۾ به سڄي قوم کي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *