پشاور سانحي بعد فورسز جون ڪارروايون، 66 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن کي پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻجڻ جي اجازت نه ڏينداسين: پرويز رشيد

 

 

خيبر ايجنسي/اسلام آباد(م.ڊ) پشاور سانحي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، خيبرايجنسي جي مختلف علائقن ۾ فورسز جي ڪارروائي ۽ جهڙپن ۾ 66 دهشتگرد مارجي ويا، پشاور جي دائود زئي واري علائقي ۾ گاڏي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو، زيارت ۾ فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا. خيبرايجنسي جي علائقي تيرا وادي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف وڏي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 32 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد افغان بارڊر طرف فرار ٿي رهيا هئا ته کين ماريو ويو، ڪجهه دهشتگرد سندن لاش ڇڏي فرار ٿي ويا. باڙا ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، جنهن دوران چڪريون ٿيون، جنهن ۾ 18 دهشتگرد مارجي ويا.. جمرود واري علائقي ۾ به سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا آهن.. هوڏانهن پشاور جي دائود زئي واري علائقي ۾ هٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويو، واقعي بعد دهشتگرد فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ٻئي طرف بلوچستان جي شهر زيارت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگرد فورسز تي حملن ۽ ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث هئا، ٻئي طرف سڌسماءُ جي وفاقي وزير چيو آهي ته پوري سياسي قيادت دهشتگردي کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جو عزم ڪندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خلاف قومي لائحه عمل بابت پارليماني ڪميٽي جي تيار ڪيل سفارشن تي مڪمل طور تي عملدرآمد ڪندي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پوري سياسي قيادت دهشتگردي کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي کي يقيني بنائڻ لاءِ نئين قانون سازي ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز پاران جاري آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو هن چيو ته پشاور سانحي قوم کي متحد ۽ سمورا اختلاف پاسي تي رکي هڪ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان دهشتگردن کي پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ ۽ پاڪستاني عوام جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻجڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *