پشاور زلمي لاهور قلندرز کي شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

دبئي(اسپورٽس نيوز)پشاور زلمي لاهور قلندرز کي پي ايس ايل ۾ ٻئين شڪست جو جهٽڪو ڏئي ڇڏيو آهي، حسن علي جي شاندار بالنگ کانپوءِ عمر امين اڌ سينچري ٺاهي 7 وڪيٽن تان ڪاميابي زلمي جي نالي ڪري ڇڏي. دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پي ايس ايل سيزن 4 جي ستين مئچ ۾ پشاور زلمي ٽاس کٽي لاهور قلندرز کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني ته بالرن لاهور کي 16هين اوورن ۾ 78 رنسن تي ڍير ڪري وڌو، حسن علي 4، وهاب رياض 3، ابتسام شيخ 2 جڏهن ته ڪيرون پولارڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پشاور زلمي 79 رنسن جو سولو هدف ٽن رانديگرن جي نقصان تي 11 هين اوور ۾ پورا ڪري ورتو. فاتح ٽيم پاران عمرامين ناقابل شڪست 61 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *