پشاور جي مدرسي اندر زوردار ڌماڪو، 8 ڄڻا مارجي ويا، ٻارن سوڌو 112 کان وڌيڪ زخمي

پشاور (اين اين آءِ) پشاور جي علائقي دير ڪالوني ۾ ڪوهاٽ روڊ تي موجود مدرسي جي مرڪزي هال ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 8 ڄڻا  فوت جڏهن ته 112 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي پوليس، سيڪيورٽي فورسز ۽ ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون. اکين ڏٺن شاهدن موجب مدرسي ۾ ٻين پريڊ شروع ٿيڻ واري هئي ته اوچتو هال ۾ ويٺل شاگردن وچ ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جي وقت هڪ هزار کان 12 سئو ڄڻا مدرسي ۾ موجود هئا جڏهن ته مدرس شيخ صاحب محفوظ رهيو. ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ 72  زخمين کي منتقل ڪيو ويو جڏهن ته  36 هن زخمين کي نصيرالله بابر ميموريل اسپتال،  2 کي خيبر ٽيچنگ اسپتال ۽ 2 کي حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪش منتقل ڪيو ويو آهي. ليڊنگ ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب هنن وٽ 8 ڄڻن جا لاش ۽ 72 زخمي آندا ويا آهن. ترجمان موجب فوتين ۾ ڪو به ٻار نه آهي، فوتين جون عمريون 20 کان 30 ورهين جي وچ ۾ آهن پر 4 ٻار زخمي ٿيا آهن. ترجمان ايل آر ايڇ جو چوڻ آهي ته زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ٻي پاسي ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ مدرسي ۾ پڙهندڙ 19 ٻار زخمي ٿيا آهن. ايس ايس پي آپريشنز موجب ڌماڪو ٽائيم بم ذريعي ڪيو ويو جڏهن ته ڌماڪي وارو مواد بيگ ۾ رکي مدرسي آندو ويو هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي پر ائين لڳي رهيو آهي ته منظم طريقي سان ڌماڪو ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلوگرام مواد استعمال ڪيو ، سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. مدرسي ۾ ٿيل ڌماڪي جي حوالي سان اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي وقت مدرسي ۾ هڪ هزار کان 1200 ماڻهو موجود هئا. شاهدن موجب مدرسي ۾ ٻين پريڊ شروع ٿيڻ واري هئي ته هال ۾ ويٺل شاگردن وچ ۾ اوچتو ڌماڪو ٿيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *