پشاور اسڪول کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو وڃي: سراج الحق

پشاور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته مرڪزي سرڪار کي سمورين سياسي پارٽين امن قائم ڪرڻ لاءِ اعتماد ڏنو آهي هاڻ نواز شريف ۽ ان جي ٽيم جو امتحان آهي ته ڪهڙي طرح لائحه عمل بڻائين ٿا جڏهن ته حالتن جي تقاضه آهي ته قبائلي علائقن ۾ صلاحڪارن جي مشوري سان نظام ڏنو وڃي پشاور ۾  آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ پرنسپال طاهره قاضي جي تعزيت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته قبائلي علائقن جا سٺا ۽ خراب اثر پشاور ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جي تقاضا آهي ته حڪومت قبائلي علائقن جي اهميت جو احساس ڪري ۽ قبائلي صلاحڪارن جي مشوري سان ان بي آئين سرزمين کي آئين ڏنو وڃي، 20 لک کان وڌيڪ آءِ ڊي پ يز آهن ۽ انهن جو ان حالت ۾ رهڻ پاڪستان سان زيادتي آهي، حڪومت انهن جي باعزت واپسي ۽ بحالي لاءِ فوري قدم کڻي سراج الحق جو چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول سانحي کانپوءِ ڪجهه قوتون مسجدن ۽ مدرسن خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيون آهن ديني مدرسن ۾ 21 لک ٻارڙا تعليم پرائي رهيا آهن انهن لاءِ رقم مقرر ناهي ڪئي وئي ديني مدرسن کي به نظام ڏنو وڃي هن جو چوڻ هو ته مرڪزي حڪومت کي امن قئام ڪرڻ لا ءِسمورين سياسي پارٽين مينڊيٽ ڏنو. هن آرمي پبلڪ اسڪول کي يونيورسٽي جو درجو ۽ سال 2015ع کان امن جو سال قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *