پشاور، نوشهره ۽ چارسده ۾ برسات جا راڱا، فوتين جو انگ 45 ٿي ويو

پشاور (م.ڊ) نوشهره ۽ چارسده ۾ سڄي رات ڳڙَي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو، مختلف حادثن ۾ فوت ٿيلن جو انگ 45 ٿي ويو، متاثر علائقن ۾ امدادي ٽيمون ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيراعظم پاران زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ امدادي ادارن کي بحالي جون سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي….. پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪيترن ئي ڪچن گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون جڏهن ته ڪيترائي گهر پڻ ڊهي پٽ ٿي ويا. تيز هوائن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جا ٿنڀا ڪري پيا آهن، جنهن سبب سمورو مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.. مختلف علائقن ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ديوارون  ڪرڻ توڙي مختلف واقعن ۽ حادثن ۾ چئن ٻارڙن سميت 45 ڄڻا فوت ۽ 3 سو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ليڊي ريڊنگ اسپتال سميت شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهندو. هوڏانهن وزيراعظم نواز شريف، وقتي صدر ميان رضا رباني، تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن انساني جانين جي ضايح ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف زخمين کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ امدادي ادارن کي بحالي جون سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *