پشاور،ڪوئيٽا ۽ واگها بارڊر سانحن ۾ ملوث جوابدارن کي معاف نه ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف، پشاور،ڪوئيٽا ۽ واگها بارڊر سانحن ۾ ملوث جوابدارن کي معاف نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۽ ان جا بنيادي ڪارڻ ختم ڪري قوم جو بنا ڪنهن فرق جي تحفظ يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ قومي سلامتي ۽ پارلياماني لينڊرن جا الڳ الڳ اجلاس ٿيا، اجلاس دوران پاڪ فوج ۽ ڳجهن ادارن جي عملدارن قومي سلامتي بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزير، قانوني ماهر ۽ صلاحڪار ۽ پوليس ۽ ٻين قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا، اجلاس دوران دهشتگردي ٽوڙ قانونن ۽ موجوده صورتحال کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي، ان کان علاوه دهشتگردي جي بنيادي سببن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ بابت قانونسازي جي معاملن تي به غور ڪيو ويو، اجلاس دوران آءِ جي اسلام آباد وزيراعظم کي وفاقي گادي واري شهر جي اهم عمارتن جي سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني ان کان علاوه ان کي لال مسجد جي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ويو اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف واضح ڪيو ته پشاور، ڪوئيٽا ۽ واگها بارڊر سانحي ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن به ريت نه ڇڏيو ويندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري، شرپسندي ۽ ان جي بنيادي ڪارڻن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته مذهب، رنگ ۽ نسل جي فرق کي پاسيرو رکي سمورن شهرين جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت سندن پهرين ترجيح آهي،عوام کي دهشتگردن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو. وزيراعظم نواز شريف ان موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي انٽيليجنس ڄاڻ تي بنا دير عملدرآمد کي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کان اڳ وزيراعظم، ڦاهيءَ جي سزا تي عملدرآمد بابت قانوني ماهرن سان صلاحون پڻ ڪيون. وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيسن جا تِکا فيصلا ۽ دهشتگردن کي تڪڙيون سزائون ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ترميمون ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوري ملڪ ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن ۽ سندن همدردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو، (اڄ) اربع ڏينهن پارلياماني ليڊرن جي اجلاس ۾ گهرو وزير جي سربراهي ۾ قائم ايڪشن پلان ڪميٽي جي تجويزن جي حتمي منظوري ڏني ويندي. تفصيل موجب وزيراعظم جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، ناڻي وزير اسحاق ڊار، آءِ ايس آءِ ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل رضوان اختر سميت اعليٰ سول ۽ فوجي حڪام شريڪ ٿيا. ذريعن موجب اجلاس ۾ گهرو وزير پارلياماني ايڪشن پلان ڪميٽي طرفان تيار ڪيل 7 1  تجويزن تي شريڪ ٿيلن کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته هيستائين 8  تجويزن تي مڪمل اتفاق راءِ ٿي ويو آهي ۽ باقي تجويزن تي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اتفاق راءِ جو امڪان آهي. گهرو وزير ٻڌايو ته فوجي عدالتن جي قيام جي تجويز جي جماعت اسلامي مخالفت ڪئي آهي جڏهن ته ٻين پارٽين ان تجويز جي حمايت ڪندي چيو آهي ته آئين ۽ قانون ۾ جيڪڏهن ترميم ڪرڻي پئي ته تمام پارٽيون سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ حمايت ڪنديون. هن ٻڌايو ته انهن تجويزن ۾ افغان مهاجرن جي تڪڙي واپسي، ڪرمينل جسٽس لا ۾ ضروري ترميمون، دهشتگردن جي مشهوري خلاف ميڊيا تي مڪمل پابندي لڳائڻ سميت ٻيون تجويزون شامل آهن. ذريعن موجب وزيراعظم اجلاس ۾ چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر قسم جا قدم کنيا ويندا ۽ دهشتگردن جو مڪمل صفايو ڪيو ويندو. اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن خلاف جاري ضرب عضب آپريشن جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *