پسند جو اسڪرپٽ نه مليو: دپيڪا پڊوڪون نئين سال لاءِ اڃان ڪا فلم سائن نه ڪئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار دپيڪا پڊوڪون ايندڙ سال لاءِ ڪا نئين فلم سائن نه ڪئي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اهڙو انڪشاف دپيڪا پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو آهي. هن چيو ته هن ڪافي اسڪرپٽ پڙهيا هئا پر کيس انهن متاثر نه ڪيو. هن چيو ته مون کي پنهنجو سال مصروف رکڻ لاءِ ڪا فلم سائن ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته هوءَ هلندڙ سال پنهنجي ٽنهي فلمن مان تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته سندس دچسپي جو ڪو اسڪرپٽ کيس مليو ته هوءَ ضرور فلم ڪندي. واضح رهي ته دپيڪا پڊوڪون جي نئين فلم ”باجي رائو مستاني“ سڀاڻي جمعي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *