پرڻيل زندگي جا مزا ئي پنهنجا آهن، ان ڪري فلحال ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ دل نه ٿي چوي: راني مکرجي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجيءَ چيو آهي ته هو هن وقت پنهنجي شادي شده زندگي مان ڀرپور نموني لطف ماڻي رهي آهي ۽ کيس فلحال ٻيو ڪو به ڪم ناهي، ڀارتي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي سندس چوڻ هو ته پرڻيل زندگي جا مزا ئي پنهنجا آهن، ان ڪري فلحال ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ دل نه ٿي چوي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسقبل ۾ هدايتڪاري يا فلمسازي جو موقعو مليو ته اهو موقعو بلڪل به نه وڃائينديس، يش راج فلم پروڊڪشن جي مالڪ اديتا چوپڙا جي زال راني مکرجي چيو ته سندس مڙس تمام محنتي ماڻهو آهي ۽ مان هن کان گهڻو ڪجهه سکان پئي، هن چيو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ پنهنجي آس پاس ننڍڙا ٻار ڏسڻ جي خواهشمند آهيان. راني پنهنجي انٽرويو ۾ شاهه رخ خان، عامر خان ۽ مڙس اديتا چوپڙا کي بهترين شخصيتون ۽ دوست قرار ڏيندي چيو انهن ماڻهن جي ڪري بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي آهيان. هن چيو ته 1998ع ۾ شاهه رخ ۽ عامر خان مڪيش ڀٽ ۽ وڪرم ڀٽ کي ”غلام“ فلم لاءِ مون لاءِ چيو هو. جنهن تي سندن ٿورائتي آهيان.ڪرن جوهر کي ياد ڪندي سندس چوڻ هو ته ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ ۾ ادا ڪيل رول اڄ ڪلهه جون اداڪارائون نه ٿيون ڪن، پر مان پنهنجي 20 سالن جي عمر ۾ به اهڙا ڪردار ڪري ڏيکاريا ۽ انڊسٽري ۾ پاڻ مڃرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *