پرڏيھھ مان اينڊڙ ناڻو ملڪي معيشت کي سگھارو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رھيو آھي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ناڻي روانگي جي حوالي سان مختلف شعبن ۾ مستقبل جا حدف تيار ڪري حاصل ڪرڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وڃي ملڪ کان باهر رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪلي ويندڙ ناڻي روانگي جو ملڪي معيشت ۾ خاص ڪردار آهي وطن جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وجهندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ سندن خاندانن کي سهولتون ۽ مراعتون ڏيڻ لاءِ حڪومت عزم سان آهي جمعي تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ملڪي ناڻي روانگي ۾ واڌ جي حوالي سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي وارو وزير، اقتصادي معاملن ورو وزير واپار وارو صلاحڪار، نيشنل سيڪيورٽي بابت خاص مددگار، روينيو ۽ ٻيا سينئر عملدار شريڪ ٿيا. اسٽيٽ بئنڪ پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي روانگي جي مد ۾ حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهترين مراعتون ڏيڻ جي حڪومتي پاليسي جا جوڳا ثمر اچي رهيا آهن اجلاس کي ٻڌايو ويو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي مد ۾ رڳو 10 مهينن جي گهٽ عرصي ۾ هن وقت تائين 1.561 ارب ڊالر موصول ٿي چڪا آهن، ۽ انهن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مالي سال 2018 کان هن وقت تائين ڪرونا وبا جي باوجود ناڻي روانگي ۾ مسلسل واڌ ٿي آهي، جيڪو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو موجوده حڪومت جي پاليسين ۽ وزيراعطم عمران خان جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد جو مظهر آهي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ نيشنل ريمينٽنس رائلٽي پروگرام به جلد جاري ڪيو ويندو هن پروگرام جي ذريعي هڪ موبائيل اپليڪيشن متعارف ڪرائي ويندي ۽ ناڻي روانگي موڪليندڙ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وڌيڪ مالي مراعتون فراهم ڪيون وينديون. هي پروگرام پي آءِ اي، ايف بي آر، نادرا اسٽيٽ لائيف، او پي ايف، بينوويلٽ، اينڊ اولڊ ايڇ امپلائيز فنڊ ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي سهڪار سان جاري ڪيو ويندو هن پروگرام سان لاڳاپيل ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي ڄاڻايل ادارن کان مراعتون مهيا ٿينديون اجلاس کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ روشن پنهنجي گاڏي اسڪيم ۽ روشن سماجي خدمت جي ڪاميابين جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان ڏس ۾ روشن پنهنجو گهر اسڪيم به جلد جاري ڪئي ويندي. واپار واري صلاحڪار مختلف شعبن ۾ ايڪسپورٽ ۾ امڪاني واڌ خاص ڪري آءِ ٽي جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت ڪتب آڻڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني سيڙپڪاري بورڊ طرفان ٻڌايو ويو ته پرڏيهي سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ حڪومتي سطح تي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ سولائيون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کان باهر رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اڻ ملهه اثاثو آهن، وزيراعظم چيو ته انهن پاران موڪليو ويندڙ ناڻو ملڪي معيشت کي سگهاري ڪرڻ م وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته معاشي ترقي ۽ وڌندڙ شرح واڌ کي نظر ۾ رکندي ناڻي ۽ ٻين معاشي ضرورتن کي مٿي رکندي مفصل ۽ منظم رٿابندي ڪئي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *