پرڏيهي کاتي ڀارتي ميڊيا جي هڪ ڌڙي طرفان ڪرتارپور جي حوالي سان بي بنياد رپورٽڻ کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  پرڏيهي کاتي ڀارتي ميڊيا جي هڪ ڌڙي طرفان ڪرتارپور جي حوالي سان بي بنياد رپورٽڻ کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن  ۾ انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان چيو ويو هو ته هنن سان بدترين سلوڪ ٿيندو جنهن جا هو حقدار آهن. پرڏيهي کاتي طرفان جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪرتارپور جي حوالي سان پاڪستان جو عزم نانڪ نالي ليوائن خاص طور تي سک برادري کي سهولتون ڏيڻ آهي جيئن پنهنجي مقدس ترين مقام ۾ عبادت ڪري سگهن. بيان موجب ڀارت ۾ ميڊيا ي هلندڙ مواد بي بنياد ۽ پروپيگينڊه مهم آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. پرڏيهي کاتي جو چوڻ هو ته گردوارا  ڪرتارپور صاحب جي حوالي سان جاري بي بنياد الزامن کي ڄاڻي واڻي عبادت  بدران ٻين مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃِي. رپورٽس ۾ گردوارا ڪرتارپور صاحب جي ڀرسان نارروال ۾ مبينا طور تي دهشتگردن جي تربيتي ڪيمپ جي موجودگي جو الزام هنيو هو. ميڊيا جي الزامن کي بي بنياد  قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته هن جو مقصد پاڪستان جي چڱي قدم کي غلط  انداز ۾ پيش ڪرڻ، راهداري جي قدم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ سڄي دنيا م سکن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ آهي. پرڏيهي کاتي چيو آهي ته اسان کي ان ڳالهه تي ڪو به شڪ ناهي ته ان قسم جي ڪوشش کي اهڙي ريت رد ڪيو ويندو.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *