پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي وزارت ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، ماڻهن جي معلومات تائين رسائين حڪومت جو فرض هوندو آهي، پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته ن ليگ رائيٽ ٽو انفارميشن بل اڄ پاس ڪرايو، هن چيو ته سينيٽ ۾ اڄ اهو بل منظور ڪيو ويو، قانون ذريعي درخواست ڪندڙ جي 10 ڏينهن ۾ معلومات تائين رسائين يقيني بڻائي ويندي، هن بل ۾ پارليامينٽ جي سرپرستي کي يقيني بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ ڪميٽي جا ٻه ميمبر قومي اسيمبلي ۽ ٽي ميمبر سينيٽ مان هوندا، هن چيو ته جيڪا معلومات ڪنهن جي زندگي بابت آهي، اها ٽن ڏينهن اندر ڏني ويندي، نيشنل سڪيورٽي جي نالي تي معلومات کي روڪيو ويندو هيو، پاڪستان ۾ ان بل سان پهريون ڀيرو عام ماڻهن جي مفاد کي يقيني بڻايو ويو آهي، هن چيو ته جيڪا شئي نيشنل سڪيورٽي جي حدن ۾ هوندي ان جو تعين ڪيو ويندو، موجوده حڪومت خلاف ڪرپشن جو هڪ به اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، سمورين سياسي جماعتن جو ان بل کي پاس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار آهي، جمهوريت کي ان طرح جي قانون سازي سان هٿي ملندي، هن چيو ته پرڏيهي وزير ۽ پرڏيهي وزارت ٽرمپ جي بيان تي ردعمل ڏنو آهي، پاڪستان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، قربانيون ڏنيون، دنيا اسان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *