پرڏيهي ايجنڊا تي الطاف حسين پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي: سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڪراچي جو امن الطاف حسين جي ناڪاري پاليسي سبب خراب ٿيو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته ماضي ۾ به الطاف حسين جا مفاد ڪنهن کان لڪل ناهن، هو پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ انهن ئي پرڏيهين جي چوڻ تي پاڪ فوج توڙي سيڪيورٽي ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم خراب ناهي پر ان کي الطاف حسين جي پاليسين خراب بڻايو آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ايم جي ڪارڪنن کي گهرجي ته اهي الطاف حسين خلاف آواز اٿارين. سراج الحق چيو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن سوچين ته کين ڪهڙي رستي تي هلايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *