پرڏيهين لاءِ ڀارت ۾ زندگي گهارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪيئي قربانيون ڏنيون:نورا فتيحي

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) دلبر دلبر گرل نورا فتيحي چيو آهي ته پرڏيهين لاءِ ڀارت ۾ زندگي گهارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جڏهن ته هن بالي ووڊ جڳهه ٺاهڻ لاءِ ڪيئي قربانيون ڏنيون اٿم.” دلبر دلبر “ گيت کان شهرت جي بلدين کي ڇهندڙ مراڪشي اداڪارا نورا فتيحي پنهنجي بهترين ڊانس جي بنياد تي اڄ بالي ووڊ جي پهرين ترجيح بڻجي وئي آهي، پر هن اها ڪاميابي ائين ئي حاصل ناهي ڪئي پر هن ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ جڳهه ٺاهڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.تازو ئي هڪ انٽرويو دوران نورا فتيحي ٻڌايو ته شروع ۾ کيس هندي ٻولي نه ايندي هئي جنهنڪري کيس ڪيئي دفعا آڊيشن ۾ شرمندو ڪيو ويو.  نورا چيو ته ماڻهو مون تي کلندا هئا جهڙوڪ آئون ڪا سرڪس هجان.  مون کي تنگ ۽ تذليل ڪندا هئا.  هڪ دفعي ڪاسٽنگ ايجنٽ مونکي چيو ته واپس هلي وڃ اسان کي تنهنجي ضرورت ناهي.بالي ووڊ ۾ موجود ماڻهن جي رويو ڏسي مان پنهنجي گهر روئيندي وئي هيس، آئون اهو سڀ ڪڏهن به نه وساري سگنديس.نورا وڌيڪ چيو ته هو جنهن ايجنسي ذريعي ڪئناڊا کان ڀارت آئي هئي ان جو رويو ڏاڍو خراب هو ۽ جڏهن مون ان ايجنسي کي ڇڏڻ چاهيو ته هن منهنجا ويهه لک ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جيڪي مون هڪ اشتهاري ڪمپني ۾ ڪم ڪري ڪمايا هئا.ڀارت ۾ پرڏيهين لاءِ زندگي گهارڻ ڏاڍو ڏکي آهي، پر مون سوچو ته وڏو ڪم ڪرڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻو پونديون آهن.رڳو اهو ئي نه پر نورا کي ڀارت ۾ رهڻ لاءِ سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو جنهن جو ذڪر ڪندي سندس چوڻ هو ته هو هڪ اپارٽمنٽ ۾ 8 ڇوڪرين سان گڏ رهندي هيس جتي هڪ ڇوڪري سندس پاسپورٽ چوري ڪري ورتو. ايترو سڀ برداشت ڪرڻ کانپوءِ منهنجو ڀارت ۾ رهڻ ڏکيو ٿي ويو هو ۽ ڪجهه وقت لاءِ ڀارت ڇڏي ڪئناڊا هلي وئي هيس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *