پرچي تي آيل حادثاتي سياستدان قومي اسيمبلي ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪري فرار ٿي ويو: مراد سعيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير مراد سعيد پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي آڇ ڪئي آهي ته ڪنهن به ميڊيا چينل ڪنهن به اينڪر جي پروگرام يا عوامي جلسي م مناظرو ڪريو اسان قوم آڏو اوهان/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 02

 کي آئينو ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيون بلاول ڀٽو پارليمان ۾ بحث ڪرڻ بدران ڀڄڻ کي ترجيحي ڏني جن سان اڄڪلهه بلاول جو پيار محبت جو رشتو آهي عالمي عدالت انصاف ۾ ان جيڪو بيان ڏيکاريو ۽ ڀارت ٻيهر ان بيان کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو اهو ان وقت جي وزيراعظم نوازشريف جو هو عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلي تحت ضرورت تحت پاڪستاني قانون مطابق جيڪڏهن پاڪستان جي بهتري لاءِ قانونسازي ڪئي ويئي ته ان کي تڪراري بڻايو پيو وڃي پاڪستان جي رستن تي پاڪستاني شهرين کي گولي هڻي شهيد ڪندڙ ريمن ڊيوس کي پاڪستان کان باهر ڪنهن موڪليو سڀ چور گڏ ٿي رهيا آهن ۽ هڪ ئي مطالبو ڪري رهيا آهن ته احتساب ختم ڪريو سڀ ڪجهه بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ وري ڦرلٽ ڪريو خميس تي هڪ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پارليماني روايت مطابق جيڪو قورم جي نشاندهي ڪري ٿي ان کي ايوان ۾ موجود ميمبرن جي ڳڻپ تائين ويهڻو هوندو آهي جڏهن ته خوف ايترو هو جو تقرير جي پڄاڻي تي چيو ته اسپيڪر صاحب مان قورم پوائنٽ آئوٽ ڪري رهيو آهيان ۽ ان کان پوءِ ڏين ۾ روشني نه رهي ۽ ڀڄي ويو مراد سعيد چيو ته بلاول ڀٽو جيڪو سوال ايوان ۾ اٿاريو مان ان جو جواب ڏيڻ لاءِ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهيان هن پهرين ڳالهه ڪلبوشن بابت ڪئي مسلم ليگ (ن) ڏانهن اشارو ڪندي مراد سعيد چيو ته جن سان اڄڪلهه ان جو پيار محبت جو رشتو آهي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ان جيڪو بيان ڏنو ۽ ڀارت پوءِ ان کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪيو اهو ان وقت جو وزيراعظم نوازشريف جو هو. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ پاڪستاني بهتري جا قدم ٿي رهيا آهن ڪشمير جو معاملو بين الاقوامي سطح تي اجاگر ٿي ويو 54 سالن کان پوءِ هڪ سال ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ڪشمير تي بحث ٿيو پاڪستان کي ٽيريريزم بدران ٽوئرزم سان سڃاڻپ ٿيڻ لڳي اڄ گڏيل قومن جي ايوان ۾ اسلام ۽ پاڪستان جو پيغام گونجڻ لڳو ۽ پاڪستان جو ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر هڪ جهڙو موقف پيش ڪيو پيو وڃي ته اوهان کي ان تي افسوس ٿي رهيو آهي. سياحتي بجيٽ بابت پڇيل سوالن جا جواب نه ڏيڻ گهرجن هن بلاول ڀٽو کي آڇ ڪئي ته ڪنهن به ميڊيا چينل تي يا عوام آڏو ڪٿي به بحث ڪريو ته جيئن قوم آڏو اسان اوهان کي آئينو ڏيکاري سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *