پريٽي زنٽا جي ڪترينا ڪيف کي ڪنگز اليون پنجاب لاءِ کيڏڻ جي آڇ

 

ممبئي  (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي باربي ڊول ڪترينا ڪيف جا ڪرڪيٽ اسٽروڪ انڊين پريميئر ليگ جي ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جي شريڪ مالڪياڻي پريٽي زنٽا کي به متاثر ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ بالي ووڊ باربي ڊول ڪترينا سماجي رابطن جي فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي هئي جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ايندڙ فلم ڀارت جي شوٽنگ کانپوءِ سيٽ تي ڪرڪيٽ کيڏندي نظر اچي رهي آهي، ويڊيو ۾ هوءَ زبردست اسٽروڪ کيڏي رهي آهي، ويڊيو سان گڏ هن انوشڪا شرما کي درخواست ڪئي ته هوءَ منهنجي راند بابت ويرات ڪوهليءَ کان به راءِ وٺي. ان ئي ويڊيو تي تبصرو ڪندي پريٽي زنٽا ڀوڳ ڪندي چيو ته ڪترينا ”ڪنگز اليون پنجاب کي لازمي طور تي اوهان جون خدمتون حاصل ڪرڻ گھرجن“ جنهن جو فوري جواب ڏيندي ڪترينا چيو ته  مهرباني ڪري ائين ڪيو ۽ مون کي کيڏڻ جو موقعو ڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *