پريانڪا چوپڙا 10 ڪروڙ رپين جو معاوضو نه ملڻ تي ريالٽي شو جي جج بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) پريانڪا چوپڙا هڪ ريالٽي شو جا 10 ڪروڙ رپيا معاوضو نه ملڻ تي ريالٽي شو جي جج بڻجن کان انڪار ڪري ڇڏيو، ذريعن مطابق پريانڪا چوپڙا کي گانن جي ريالٽي شو ”دي وائس“ جي جج بڻجڻ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن تي اداڪاره چيو ته جيڪڏهن هن کي 10 ڪروڙ رپين جو معاوضو ڏنو وڃي ته پوءِ هو جج بڻجڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته پروگرام جي پروڊيوسر چيو ته ايترو وڌيڪ معاوضو چينل جي برداشت کان ٻاهر آهي، پريانڪا جو موقف آهي ته ان فيس جي تڪرار تي نه پر سندس شيڊول مصروف آهي ۽ هوءَ پروگرام لاءِ وقت نه پئي ڪڍي سگهي، پريانڪا پنهنجو نئون گانو پڻ رليز ڪرڻ واري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *