پريانڪا چوپڙا جي ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ کان واقف آهيان، منهنجي ڀيٽ ان سان ڪرڻ عجيب ڳالهه آهي: ديپڪا پڊڪون

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪاره دپيڪا پڊڪون ۽ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ کان پوءِ هالي ووڊ ۾ به مشهور ٿيڻ سبب ڀيڻ ڪرڻ لڳيون انٽرويو دوران دپيڪا جي ڀيٽ ڪرڻ تي پريانڪا کان پڇيو ويو ته ان کي اها ڳالهه پسند نه آئي بالي ووڊ فلم ڏسندڙن جي وچ ۾ پردي پويان آهن پر جڏهن انٽرويو دوران دپيڪا جي ڀيٽ پريانڪا سان ڪئي ويئي ته ان کي اها ڳالهه سٺي نه لڳي. اداڪار عوام ۽ ميڊيا جي اڳيان ته هڪٻئي سان ويڙهه يا تڪرار نه ڪندا آهن پر انهن جي بيان مان ڪٿي نه ڪٿي انهن جي وچ ۾ هلندڙ ڪشمڪش سبب راز ظاهر ٿي پوندا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب هڪ انٽرويو دوران جڏهن بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊڪون جي ڀيٽ ان جي ساٿي اداڪاره پريانڪا چوپڙا سان ڪئي ويئي ته ان جو چوڻ هو ته هو پريانڪا جي پنهنجي ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ کان واقف آهي پر منهنجو اداڪاره سان ڀيٽ ڪرڻ عجيب لڳي ٿو. هن چيو ته منهنجي ڀيٽ سونم ڪپور انوشڪا شرما ۽ سوناڪشي سنها سان ته ڪري سگهجي ٿي پر پريانڪا چوپڙا جي مون سان ڪابه ڀيٽ نه آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *