لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم ”بي واچ“ جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. آن لائن جاري ٿيندڙ ان فلم جي ٽريلر ۾ بالي ووڊ اداڪارا پرينڪا چوپڙا به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي نظر اچي رهي آهي. فلم ۾ بالي ووڊ سندري وڪٽوريا ليڊز جو ڪردار نڀائيندي نظر ايندي، جڏهن ته ان فلم ۾ مشهور اداڪار ڊوائن جانسن (دي راڪ) به اهم ڪردار نڀائي رهيو آهي، جيڪا 26 مئي تي رليز ٿيندي.27