پريانڪا چوپڙا ايوارڊ شو ۾ ڊانس پرفارمنس دوران ڪجهه ئي منٽن ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائيندي

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا ايوارڊ شو ۾ ڊانس پرفارمنس دوران ڪجهه ئي منٽن ۾ ڪروڙين رپيا ڪمائيندي. اڳوڻي حسن جي راڻي ۽ بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا پريانڪا چوپڙا جي مقبوليت ۾ ڏينهن و ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري سندس ڊيمانڊ به وڌي رهي آهي. بالي ووڊ سان گڏ هالي ووڊ ۾ به مقبول ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا جا ستارا هن وقت عروج تي آهن ۽ بالي ووڊ جو هر فلمساز ۽ پروڊيوسر ساڻس ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي جنهن لاءِ هو اداڪارا کي وڏي کان وڏو معاوضو ڏيڻ لاءِ به تيار آهن جنهن جو مثال تازو ئي ڏسڻ ۾ آيو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت جي مقبول ترين ايوارڊ ”وي زي سيني ايوارڊز 2018ع“ جي تقريب ۾ رنوير سنگهه، شاهد ڪپور، ڪترينا ڪيف، سڌارٿ ملهوترا، جيڪولين فرنينڊس ۽ ڀومي پنڊيڪر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ميڊيا رپورٽس موجب پريانڪا چوپڙا کي 5 منٽن جي پرفارمنس لاءِ 4 کان پنج ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويندا ان جو مطلب آهي ته بالي ووڊ جي ”ديسي گرل“ هڪ منٽ ۾ هڪ ڪروڙ رپيا ڪمائيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *