پرويز مشرف جو طاهر القادري سان ٽيليفونڪ رابطو، ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

لاهور (بيورو) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف، عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ذريعن مطابق ٻنهي اڳواڻن ۾ ٿيل تيليفونڪ رابطي ۾ پرويز مشرف ڊاڪٽر طاهر القادري کان صحت بابت معلومات حاصل ڪرڻ سان گڏ کيس ڪراچي جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، ذريعن مطابق ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال سميت عوام کي درپيش مسئلن مهانگائي، بيروزگاري ۽ لوڊشيڊنگ تي به ڳالهايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *