پرويز رشيد جو عمران خان کي عدالتي جاچ ۾ مبينه ڌانڌلي ثابت ٿيڻ سان مشروط ڪرڻ متعلق بيان جي آجيان

اسلام آباد (بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد عمران خان پاران وزيراعظم نوازريف جي استعيفا جي مطالبي کي عدالتي جاچ ۾ مبينه ڌانڌلي ثابت ٿيڻ سان مشروط ڪرڻ متعلق بيان جي آجيان ڪندي ان کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چونڊ سڌارا ته اسان جو پنهنجو مطالبو آهي هر جماعت اها ئي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ اسان هن مطالبي کي عملي جامو پارائڻ لاءِ هڪ سڌاراتي ڪميٽي به جوڙي آهي جيڪا پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ مبينه ڌانڌلي جي جاچ لاءِ عدالتيڪميشن جي تشڪيل لاءِ پهريان کي خط لکيو ويو آهي هن چيو ته حڪومت هر وقت تحريڪ انصاف جي لاءِ تيار آهي اڳ به عمران خان ڳالهيون رد ڪيون هيون جيڪڏهن هو ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿو ته شاهه محمود قريشي يا ڪنهن ٻئي شخص کي آزادي ڏي ٽن ڏينهن کان پوءِ اسان جي ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه اسحاق ڊار وطن واپس ايندو ۽ اسان پوءِ ڪٿي به وڃي تحريڪ انصاف سان ملڻ لاءِ تيار آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *