پراڻو مڪاني نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، تاريخ جو بهترين نظام آڻي رهيا آهيون: عمران خان

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته پراڻو مڪاني نظام ناڪام ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ تاريخ جو بهترين نظام آڻي رهيا آهيون. وزير اعظم عمران خان فيصل آباد ۾ برآمد ڪندڙن ۽ واپاري برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي سهولتون فراهم ڪري، ملڪي مسئلن جي گهٽتائي ۾ مڪاني نظام اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، نئون مڪاني نظام آڻي رهيا آهيون جيڪو ملڪي تاريخ جو سڀ کان بهترين نظام هوندو. عمران خان چيو ته فيصل آباد جهڙو شهر ڪڏهن به رڳو صوبائي ترقياتي فنڊ سان ناهي ٿيندو، رڳو لاهور تي پيسو خرچ ڪنداسين ته پنجاب جا باقي شهر پوئتي رهجي ويندا، نئين نظام ۾ هر شهر جي پنهنجي اليڪشن هوندي يعني ميئر جي سڌي سنئين چونڊ ٿيندي، بلواسطه اليڪشن نه ٿيندي جو پهرين يوسي ناظم جي اليڪشن ٿئي جيڪي ميئر چونڊن ڇو ته ان نظام ۾ پيسو هلندو آهي، اُهو نظام ناڪام ٿي چڪو آهي، ميئر پنهنجي ڪابينا چونڊيندو جنهن ۾ ماهر هوندا، مثلن آبي ماهر ۽ تعليمي ماهر، فيصل آباد ۾ هاءِ ڪورٽ بينچ جي قيام جي ڳالهه سان متفق آهيان، هڪ ڏينهن ايندو جڏهن مانچسٽر چوندو ته فيصل آباد اسان کان اڳتي نڪري ويو، انسان کي سوچ وڏي رکڻ گهرجي. وزير اعظم جو چوڻ هو ته اسان کي مهانگائي تي گهٽ وڌ ڳالهايو ويو پر ان جو سبب اِهو آهي ته ملڪي برآمدات گهٽ ۽ درآمدات وڌيڪ هئي، واپاري خسارو گهڻو هو ۽ رپئي جو قدر گهڻو ڪري پيو هو جنهن کي قرض وٺي ناڻي جي مٽا سٽا جي ذخيرن سان مصنوعي طور سنڀاليو ويو هو، گذريل حڪومت رپئي کي مٿي رکڻ لاءِ 5 سالن ۾ 15 کان 20 ارب ڊالر استعمال ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ناڻي جي مٽا سٽا ضايع ٿي، درآمدات سستي ۽ برآمدات مهانگي ٿي. عمران خان ٻڌايو ته حڪومت معيشت بابت ڏکيا فيصلا ڪيا، ڏکين حالتن ۾ اسان جي دوست ملڪن معاشي طور تي مدد ڪئي، 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، دبئي جا شيخ پاڪستان ۾ پنهنجون موڪلون ملهائيندا هئا، اسان ڪيئن هيٺ آياسين اِها ڏاڍي ڏک جي ڪهاڻي آهي، ملڪ ۾ غربت تڏهن وڌندي آهي جڏهن هڪ خاص طبقو ملڪي دولت خرچ ڪندو آهي، منافعو ڪمائڻ ڏوهه ناهي پر جائز طريقي سان پيسو بڻايو وڃي ۽ ٽيڪس ڏنو وڃي، ناجائز منافعي خوري نه ڪئي وڃي، جيئن کنڊ مافيا ڳٺ جوٽ ڪري کنڊ مهانگي ڪئي، حڪومت ان جي خلاف آهي. عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جي لاءِ به وڏو پيڪيج تيار ڪيو آهي، ان ڪري نه جو انهن ٻنهي شهرن مون کي ووٽ ڏنو پر ان ڪري جو ڪراچي ۽ فيصل آباد مٿي ويندا ته ملڪ ۾ مٿي ويندو، اِها الڳ ڳالهه آهي ته توهان ٻنهي شهرن ۾ ايترو شعور هو جو توهان صحيح پارٽي ووٽ ڏنو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *