پراسيڪيوشن پنهنجو ڪم ڇو نٿي ڪري، ڪي پي ڪي پوليس ناڪارا آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اغوا جي جوابدار کي جرڳي ذريعي معافر ڪرائڻ واري معاملي تي پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته پراسيڪيوشن پنهنجو ڪم ڇو ناهي ڪندي، خيبرپختونخواهه جي پوليس ته بلڪل ناڪارا لڳندي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ اغوا جي جوابدار خالد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. عدالت جوابدارن جي ضمانت هڪ لک رپين جي مچلڪن جي عيوض منظور ڪري ورتي، جوابدار خالد تي پشاور مان باسط کي اغوا ڪرڻ جو الزام هو. ٻڌڻي دوران عدالت ۾ اغوا ٿيندڙ باسط جي پيءُ پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن جوابدار کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته جرڳي ان کي ضمانت  ڏني. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته توهان معاف ڪري ڇڏيو ڇا ڪوڙو ڪيس فائل ڪيو هو؟ جسٽس مشير عالم چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيو اڄ ڪلهه جرڳن ۾ ڪهڙا معاملا هوندا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اغوا ٿيل باسط کان پڇاڻو ڪيو ته ٻن سالن تائين توهان اغوا رهيئو توهان کي خبر ناهي ته ڪٿي هيئو، ڪوڙو ڪيس ڪرڻ تي سزا به ٿي سگهي ٿي، الله تعاليٰ سچ ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو آهي، توهان کي اغوا ڪيو ويو ته پر توهان وري به معاف ڪيو؟ جنهن تي باسط چيو ته هن جوابدار کي جرڳي جي چوڻ تي معاف ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *