پدماوتي ۾ دوپيڪا پڊڪون کي هيروئين ڪاسٽ ڪرڻ تي هنگامو

ممبئي(شوبز نيوز)  ڀارتي فلمساز سنجي ليليٰ ڀنسالي تاريخي واقعن تي فلمون ٺاهڻ جي حوالي سان مشهور آهي، جڏهن ته ان جي هر فلم ڪنهن نه ڪنهن تڪرار ۾ ضرور ڦاسي پوندي آهي. تازو ئي سنجي ليليٰ ڀنسالي جي نئين فلم جو پوسٽر جاري ٿيو جنهن ۾ فلم جي هيروئن دوپيڪا پڊڪون کي راني پدماوتي جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي شهري ان ڪردار لاءِ دوپيڪا پڊڪون کي چونڊن  تي ناراض ٿي ويا آهن، جڏهن ته انهن جو چوڻ هو پدماوتي ڪافي خوبصورت ۽ رنگ اڇو آهي جڏهن ته دوپيڪا سانوري  آهي  انڪري هوءِ ان ڪردار جي لاءِ صحيح ناهي، فلم پهرين ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي ۽ ان فلم ۾ دوپيڪا سان گڏ رنوير سنگھه به گڏ هوندو جيڪو علاوءُ الدين خلجي جو ڪردار ادا ڪندو، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي  ڀارتي شهرين  دوپيڪا کي ڪاسٽ ڪرڻ تي فلمسازن جي وڏي تنقيد ڪئي ، تنقيد ۾ ماڻهن چيو ته انهن کي شڪ آهي ته سنجي ليليٰ ڀنسالي تاريخ کي ڀڃ ڊاهه ڪري پيش ڪندو ۽ ڪجھه جو چوڻ آهي ته ان فلم ۾ دوپيڪا جي بدران گوري رنگ واري ڪنهن هيروئين کي ڪاسٽ ڪرڻ گھرجي جھڙوڪ ڪترينا ڪيف يا ايشوريا رائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *