پدماوتي تڪرار: بي جي پي اڳواڻ دپيڪا ۽ ڀنسالي جي سِرِ جي قيمت 10 ڪروڙ ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”پدماوتي“ جي ريليز واري تاريخ اڳتي وڌڻ تي به ڀارتي انتها پسندن جي ڪاوڙ گهٽ نه ٿي ۽ هريانا رياست ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سورج پال امو اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جو سِرِ قلم ڪندڙ کي 10 ڪروڙ روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ۽ رڳو اهو ئي نه پر فلم ۾ مسلمان حڪمران علاوالدين خلجي جو ڪردار ڪرڻ تي رنوير سنگهه جون ٽنگون ڀڃڻ جي ڌمڪي پڻ ڏئي ڇڏي. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”پدماوتي“ شوٽنگ کان ئي تڪرارن جو شڪار آهي، جنهن تي ڀارتي رياست راجسٿان ۾ سرگرم تنظيم شري راجپوت ڪرني سينا تاريخي حق غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جو الزام لڳايو هو. ان کان پوءِ انتها پسندن طرفان فلم جي هيروئن دپيڪا پڊوڪون جو نَڪُ وڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ پوءِ انتها پسند ليڊر ٺاڪر اڀيشيڪ سوم، دپيڪا ۽ سنجي ليلا ڀنسالي جي سِرَ جي قيمت به 5 ڪروڙ مقرر ڪري ڇڏي. ٻئي پاسي ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ بجرنگ دل جي حمايت کان پوءِ انتها پسندن اداڪارن جي حق ۾ بيان ڏيندڙن کي پڻ موت مار ڌمڪيون ڏنيون. ان سمورن تڪرارن بعد فلم ”پدماوتي“ جي پهرين ڊسمبر تي ٿيندڙ نمائش ملتوي ڪئي وئي هئي پر بي جي پي جي چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر سورج پال امو جي ڪاوڙ گهٽ نه ٿي ۽ هن رنوير سنگهه سان مخاطب ٿيندي چيو ” جيڪڏهن تو پنهنجا لفظ واپس نه ورتا ته اسان تنهنجون ٽنگون ڀڃين هٿ ۾ ڏيندا سين“. هن دپيڪا ۽ سنجي ليلا ڀنسالي جي سِرَ جي قيمت 5 ڪروڙ رپيا مقرر ڪرڻ کي به ساراهيو ۽ چيائين ته ” جيڪو به اِهو ڪم ڪندو اسان ان کي 10 ڪروڙ رپيا انعام ڏيڻ سان گڏوگڏ هن جي ڪٽنب جي پڻ سار سنڀار لهندا سين“. اموپال اها دعويٰ ڪئي آهي ته هو پنهنجي انهن ريمارڪس کان پوءِ بي جي پي ڇڏڻ لاءِ تيار آهي، گڏ ئي هن وزير اعظم نريندر مودي ۽ وزير داخلا راج ناٿ سنگهه تي زور پڻ ڏنو ته هو ”پدماوتي“ جي ريليز خلاف آواز اٿارن. هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”پدماوتي“ ۾ دپيڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *