پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو 151 واٽر سپلاءِ اسڪيمون مڪمل ڪندو: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي (پي ايڇ اي) کي هدايت ڪئي آهي ته 11.428 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيل 151 هلندڙ واٽر سپلاءِ اينڊ سينيٽيشن اسڪيمن کي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن عوام ان مان لاڀ پرائي سگهن. پي ايڇ اي کاتي وٽ 15.5 ارب رپين جي 301 اسڪيمن جو پورٽ فوليو آهي جن مان 151 اسيڪمون هلندڙ آهن تنهنڪري انهن کي موجوده مالي سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ ضروري آهي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ پي ايڇ اي کاتي پاران شروع ڪيل ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري پي ايڇ اي سعيد اعواڻ، سيڪريٽري ناڻو آصف جهانگير، اسپيشل سيڪريٽري بلديات مصطفيٰ سهاڳ ۽ پي ايڇ اي کاتي جي انجنيئرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جي منهوڙا ۾ ڊي سالينيشن پلانٽ لڳائڻ جي اسڪيم 427.648 ملين رپين سان شروع ڪئي وئي جيڪا جولاءِ 2022ع تائين فعال ٿي ويندي. هن چيو ته اهڙي ريت يونين ڪائونسل ڪاٺوڙ، ملير ڪراچي جي 48 ڳوٺن لاءِ 140.2 ملين روپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيمون آهن جن ۾ الله بخش جوکيو يو سي درساڻو ڇنو ملير لاءِ 20 ملين رپين جي واٽر سپلاءِ اسڪيم، محمد بروهي ڳوٺ يوسي 30 چشما بن قاسم ملير لاءِ 20 ملين رپين جي اسڪيم، حب ڊيم مان 42 ڳوٺن کي 144.337 ملين رپين جون پاڻي جون اسڪيمون آهن، اولڊ مراد ڳوٺ يوسي 5 ڊسٽرڪٽ اولهه لاءِ 14.323 ملين رپين جي واٽر سپلاءِ لائين وڇائڻ، الٽرا فلٽريشن واٽر سپلاءِ پلانٽ ٽنڊو ڄام لاءِ 617.441 ملين رپين جون اسڪيمون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي رٿائون جولاءِ 2023ع تائين مڪمل ڪيون وينديون. سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير کي هدايت ڪئي ته هوءَ پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪري ته اهي سمورن هلندڙ اسڪيمن جو دورو ڪن ته جيئن کين رفتار، معيار ۽ وقت تي مڪمل ٿيڻ جي نگراني ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان هن سال 11 ارب رپين جون 151 اسڪيمون مڪمل ڪرڻ وارا آهيون تنهنڪري ڳوٺاڻن کي گهرجي ته انهن مان فائدو وٺن. رورل ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ (آر ڊي ڊي): صوبائي وزير اهو پڻ چيو ته ڳوٺاڻي ترقي واري کاتي مختلف ضلعن جي ڳوٺن اندر هڪ ارب رپين جون 74 اسڪيمون پڻ شروع ڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن اسڪيمن ۾ لنڪ روڊن جي تعمير، ننڍي ڌاتو ۽ سرن مان تيار ڪيل روڊن جي مرمت ۽ سار سنڀال شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته رورل ڊولپمينٽ کاتي جي 74 اسڪيمن مان 27 اسڪيمون جولاءِ 2022ع تائين مڪمل ڪيون وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *