پبلڪ سروس ڪميشن بنا اسان ڀرتي نٿا ڪري سگهون: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان وٽ ادارن۾ افرادي قوت جي کوٽ آهي عدالت جي مهرباني سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فنڪشنل نه آهي. ججز اسان جي اپيل ٻڌن شنوائي نه پئي ٿئي محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير جي بيماري دوران سنڌ جيوڏي وزير کان سواءِ وزيراعظم يا ڪنهن به صوبيجي وڏي وزير يا وزيراعظم نه پچيو مان سمجهان ٿو ته وزيراعظم ۽ ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کي معافي وٺڻ گهرجي ۽ وزيراعظم کي ان جي قبر تي بيهي ميڊيا آڏو معافي وٺڻ گهرجي سنڌ حڪومت مزدور دوست حڪومت آهي، محنت کاتي جي حوالي سان کوڙ ساريون شيون اڃا ڪرڻيون آهن اسان سڀ کان وڌيڪ قانون ٺاهيا آهن اهڙن خيالن جوا ظهار هن سومرجي ڏينهن نيشنل انسٽيٽيوٽ ليبر ايڊمنسٽريشن ٽريننگ (NILAT) جي تحت 60هين پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما ڪورس ليبر ايڊمنسٽريشن اينڊ انڊسٽريل ويلفيئر جي افتتاحي تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ۽ ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته منهنجو نيلات ۾ اچڻ وڃڻ وزير ٿيڻ کان اڳ جو آهي هن چيو ته هي اهم ادارو هن چيو ته هي اهم ادارو آهي ماضي ۾ هن کي صحيح استعمال ناهي ڪيو ويو سعيد غني چيو ته هن اداري جي عمارت 1965 ۾ ٺهي اڄ تائين وفاق ان جي مرمت ۽ ان جي سجاوٽ ناهي ڪئي 18هين ترميم کان پوءِ اسان ان جو ڪم شروع ڪيو آهي، سعيد غني چيو ته هن اداري ۾ مزدور ليڊرن کان وٺي آفيسرن جي تربيت ٿيندي آهي، هن چيو ته هن وقت تائين نيلات 22 هزار کان وڌيڪ ڪورسز جي مدد سان هڪ لک کان وڌيڪ امپلائيز، مزدور اڳواڻن ۽ مزدورن ۽ پورهيتن کي تربيت ڏني آهي ۽ 60هين پوسٽ گريجوئيٽ پروگرام تحت 6 ،مهينن جي ٽريننگ شروع ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ 42 ماڻهو شرڪت ڪندا هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته هي ادارو ڪراچي سان گڏوگڏ ٻين شهرن ۾ به قائم ٿئي. پر اسان وٽ هتي افرادي قوت جي کوٽ اهي هنچيو ته 16 ۽ ان کان وڌيڪ گريڊ جي آفيسر جي مقرري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي تحت ڪرڻ قانوني آهي. ۽ ان وقت معزز عدالت جي مهرباني سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فنڪشنل نه آهي ۽ اسان ان بنا ڀرتي نٿا ڪري سگهون هن چيو ته اسان ان ڏس ۾ عدالت ۾ پنهنجي درخاوست جمع ڪرائي آهي پر اڃا تائين ان ڪيس تي شنوائي نه پئي ٿئي هن چيو ته منهنجي عدالت ۽ ججز کي اپيل آهي ته اهي اسان جي اپيل جي شنوائي شروع ڪن فيصلو کين قانون تحت ڪرڻو آهي جيڪڏهن اهي چون ٿا ته سنڌ پبلڪ سروس ختم ڪري ڇڏيو ته اسان انهن جي ڳالهه کي تسليم ڪندي ان جي عمارت کي ئي ڊاهي ڇڏينداسين ۽ مقرري لاءِ ڪوئي قانوني طريقو ڏسنداسين هن چيو ته اهڙي صورتحال رڳو سنڌ ۾ آهي نه رڳو نيلات پر تعليم کاتي ۽ ٻين ادارن تي به جاين تي آفيسرن جي کوٽ سبب ڏکيائيون آهن هن چيو ته سنڌ حڪومت مزدور دوست حڪومت آهي اسان محنت واري کاتي ۾ 18هين ترميم کان پوءِ کوڙ سارا قانون ٺاهيا آهن. هن چيو ته 160 ڊالر في ڪس گهٽ کان گهٽ مزدور جياجرت هجڻ گهرجي موجوده ويج ان کان به گهٽ آهي، سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت بينظير ڀٽو مزدور ڪارڊ آندو هي سڀ کان پهريان سنڌ ڪيو. هي وڏو منصوبو آهي جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 2 کان 3 ساللڳن ٿا سعيد غنيچيو ته 6 لک مزدورسي سي۾ رجسٽرڊآهنپر انهن جو اصل ڊيٽا اسان وٽ موجود نه آهي ۽ هاڻي نادرا جي مدد سان صرف انهن جو ڊيٽا تيار ڪيو پيو وڃي ۽ جيڪي مزدور رجسٽرڊ آهن انهن جا ڪارڊ ٺهي رهيا آهن هنچ يو ته هن وقت تائين 17 کان 18 هزار ڪارڊ ٺهي چڪا آهن جڏهن ته هن وقت تائين 30 سيڪڙو اهي ماڻهو سامهون آيا آهن جن جو ڊيٽا صحيح نه آهي ۽ اسان نٿا چاهيون ته جلدبازي ۾ اسان درست ڊيٽا ۽ حقيقي مزدورن بدران اهڙن ماڻهن کيئي ڪارڊجاري ڪري ڇڏيون جنهن سان اصلمزدورن جا حق ڦٻايا وڃن سعيد غني چيو ته هي منصوبو ٽن فيزز ۾پورو ڪنداسين سعيد غني چيو ته ڪاروبار ڪرڻ ۾ سنڌ جي قدمن سان يورپي يونين ۾ پاڪستان جي ريڪنگ بهتر ٿي آهي هي ريڪنگ اسلام آباد کان بهتر ناهي ٿي ۽ ان ڏس۾ وزيراعظم جي دعويٰ غلط اهي جنهن کان پوءِ صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سعيد غني چيو ته ڊاڪٽر قدير خان کي جيڪو وڏي وزير جو خط آيو پڙهي پريشآن ٿي ويو هن چيو ته اسان کي ڊاڪٽر عبدالقدير جوگهڻو خيال رکڻ گهرجي ها ان کان بيماري دوران سنڌ جي وڏي وزير کان سواءِ وزيراعظم يا ٻئيڪنهن به صوبيجي وڏي وزير نه پڇيو سعيد غني چيو ته مان سمجهان ٿو ته وزيراعظم ۽ ٻين صوبن جي وڏن وزيرن کي اهڙي رويي تي معافي وٺن گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته بينظير مزدور ڪارڊ جهڙو پروگرام پاڪستان ته ڇا شايد دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ نه هوندو هي وڏو پروجيڪٽ آهي ڪڻڪ جي قيمتن جي حوالي سان اپوزيشن پي ٽي آئي جي حڪومت ۾ ويٺل بين الاقوامي ٺڳن ڪڻڪ مهانگي امپورٽڪرائي اهڙي طرح کنڊ کي جڏهن امپورٽ نه ڪرڻو هو ته ڪئي ۽ بعد ۾مهانگي ايڪسپورٽ ڪئي هن چيو ته ان جي پنهنجي ٺاهيل ڪميشن رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڪير ذميوار اهي. اهي سڀ عمران خان جا اي ٽي ايم هئا ان لاءِآزاد اهن هڪ سوال تي هنچ يو ته موجوده نااهل نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪومت عوام جي کيسن تي اربين رپين جو ڌاڙو، ڪڻڪ کنڊ ايل پي جي بجلي گئس دوائن سميت ٻين اسڪينڊلز جي مد ۾ هنيو آهي هي سڀ موجوده نااهل وزيراعظم عمران خان جي چوڻ تي ۽ ان جي اي ٽي ايمز کي نوازڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *