پاڻ کي جمهوري سڏائيندڙ فوج کي چون ٿا ته حڪومت ڪيرايو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) کنڊ، قبضا ۽ سياسي مافيا مفادن جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي، مافيا پنهنجي مفادن لاءِ حڪومت کي ڪيرائڻ سوڌو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي، تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڻ کي جمهوري سڏائيندڙ فوج کي چون ٿا ته حڪومت ڪيرايو، اپوزيشن اين آر او ملڻ تائين واويلا ڪندي رهندي، ميڊيا تي تاثر ڏنو ويو ته بٽڻ دٻائڻ سان نئون پاڪستان اچي ويندو، اسان اڍائي سال صبر سان گذاريو، اسٽيٽسڪو تبديل ڪرڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي، اُن نظام مان فائدو وٺندڙ ماڻهو تبديلي اچڻ نه ڏيندا آهن، ڪالهه به ڊرامو ڪيو ويو ته پاڪستان برباد ٿي ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *