پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪراچي جا شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن: صدر عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ڪراچي جي پاڻي جي صورتحال تي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ وارو معاملو حل ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو اجلاس کي پاڻي جي حوالي سان جاري منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي به ڄاڻ ڏني وئي صدر چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪراچي جا شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪراچي کي روزانو 11 سئو کان 12 سئو ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي صدر چيو ته ڪراچي لاءِ پاڻي جا منصوبا فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي کي پاڻي ڏيڻ جا سمورا منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن هن چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو جلد حل ۽ شهرين جي ڀلائي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار ۽ بهترين ڪوششن سان مسئلو جلد حل ٿي سگهي ٿو اجلاس ۾ وفاقي وزير حماد اظهر، سنڌ اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر ثمر خان آن لائن شرڪت ڪئي. سي اي او حبڪو، ڪامران ڪمال ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *