پاڪ چين لازوال دوستي خطي ۾ امن استحڪام جي ضامن آهي: عارف علوي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪ چين دوستي کي 70 سال مڪمل ٿي ويا پاڪستاني ۽ چيني صدرن پاران هڪٻئي کي مبارڪباد جا خط موڪليا ويا جاري پڌرائي موجب ٻنهي صدرن سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ تي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني صدر عارف علوي چيو ته اسان سٺن ۽ خراب ٻنهي وقتن ۾ دوست رهياسين ڏکيائين باوجود ٻنهي ملڪن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون پاڪ چين لازوال دوستي خطي ۾ امن استحڪام جي ضامن آهي صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي، چيني صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين بنيادي مسئلا ۽ مفاد گڏوگڏ آهن پاڪستان سان بهتر لاڳاپا قائم رهندا مان پاڪستان چين دوستي کي خصوصي اهميت ڏيان ٿو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *