پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي واڌاري جو ڪارڻ بڻبي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) ناڻي جي وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي واڌاري جو ڪارڻ بڻبي، وچٿري ۽ ڊيگهاري سرمائيداري جو فروغ ويزن 5 2 0 2  جو حصو آهي، موجوده سال اپريل تائين مهانگائي جي شرح 2 1  سالن ۾ سڀ کان گهٽ رهي، محب وطن پاڪستانين سبب ناڻي ۾ 0 6  سيڪڙو واڌ ٿي، موجوده مالي سال ۾ معاشي ترقي جي شرح نمو 2 .4  سيڪڙو رهيو، مالياتي حڪمت تي عملدرآمد لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، مالياتي حڪمت عملي خوشحالي ۽ مستحڪم پاڪستان جو بنياد ثابت ٿيندي. تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته معاشي حڪمت عملي ڊگهي مشاورت سان تيار ڪئي وئي آهي، حڪومت سرمائي جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، حڪومت عام ماڻهو کي معاشي طور تي خودمختيار بنائڻ چاهي ٿي، پاڪ چين اقتصادي راهداري معاشي فروغ جو سبب بڻبي. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت انڪم سپورٽ پروگرام ۾ واڌ جي تجويز بجيٽ ۾ رکي وئي آهي، 4 1 0 2 ع ۾ عالمي مالياتي ادارا پاڪستان کي معاشي طور تي ناڪام قرار ڏئي رهيا هئا. هن چيو ته حڪومت جي ڪوشش سان معيشت ترقي ڏانهن هلي پئي، عالمي مالياتي ادارا پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم قرار ڏئي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *