پاڪ- ڀارت ۾ بهتر ليڊرشپ نه هئڻ سبب ڪشمير جو مسئلو اڄ تائين حل نه ٿي سگهيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بهتر ليڊرشپ نه هئڻ سبب اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو ڏکڻ ايشيائي ۾ امن لاءِ مسئلي جو حل ضروري آهي پاڪستان ۽ ڀارت کي خطي ۾ امن جي قيام ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪن مسئلن جي حل لاءِ اسان کي هڪٻئي سان سچ ڳالهائڻو پوندو پاڪستان هندستان پاران ٿيندڙ ڪنهن به حملي کان نٿو ڊڄي ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي فائرنگ جي ذريعي جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو پاڪستان خوفزده ٿي ويندو ته هي ان جي ڀل آهي آزادي ڪشمير پي ٽي آءِ جي تنظيم سازي جلد مڪمل ڪئي وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پي ٽِ آءِ آزاد ڪشمير عورتن جي شعبي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيه ڪياني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو شازيه ڪياني چيئرمين پي ٽي آءِ سان آزاد ڪشمير ۾ پارٽي جي تنطيم سازي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *