پاڪ ڀارت چڪتاڻ باوجود ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ پاڪستان جي دوري تي ڪراچي پهچي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) نالي واري ڀارتي اداڪارا پوجا ڀٽ پاڪ_ڀارت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ بهادري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي دوري تي پهچي وئي آهي. ناليواري اداڪارا ڪراچي ايئرپورٽ پهتي. ان موقعي تي سندس پاڪستاني مداحن آجيان ڪئي. ڪراچي ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اداڪارا پوجا ڀٽ چيو ته  پهريان به پاڪستان اچي چڪي آهيان، ڪيترائي ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪيو آهي. هن چيو ته جڏهن رستا کليا آهن ته اداڪار به ايندا. هن چيو ته ڀارت مان اڏامون پاڪستان اچي رهيون آهن. ٻين اداڪارن کي به موقعو آهي ته اهي پاڪستان اچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *