پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين سطح ڳالهين جي حتمي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي ڳالهين جي حتمي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي چئي. هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڀريوته اسلام آباد ۽ نئين دهلي کي خطي مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، هڪ سوال جو جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان چين سان 46 ارب ڊالر جي اقتصادي راهداري منصوبي تي عمل در آمد لاءِ رابطي ۾ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان منصوبي تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته افغان حڪومت کي جلال آباد ۾ ٿيل حملي جي جاچ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن بابت پاڪستان کي آگاهه ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سعودي عرب ايران چڪتاڻ بابت ترجمان چيو ته پاڪستان جا ٻنهي ملڪن سان ڀائپي وارا سٺا ناتا آهن ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ پنهنجن معاملن کي پر امن نموني حل ڪندا. هن انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارته ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي هميشه مذمت ڪندو رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *