پاڪ- ڀارت ٽي-20 ميچ (سڀاڻي) ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي،ِ سڀئي تياريون مڪمل

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪ ڀارت ٽي-20 ڊي اينڊ نائيٽ ميچ (سڀاڻي) 19 مارچ تي ايڊن گارڊن اسٽيڊيم ۾ پاڪستاني وقت مطابق شام جو 7 وڳي ٿيندي جنهن لاءِ سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڳ ۾ ڌرم شاله ۾ رٿيل هئي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي درخواست تي سيڪيورٽي سببن جي ڪري ان جو ماڳ تبديل ڪري ڪولڪته اسٽيڊيم ۾ ڪيو ويو آهي. پاڪستاني ٽيم سپر ٽين مرحلي ۾ گروپ 2 ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 55 رنسن تان شڪست ڏئي 2 پوائنٽون حاصل ڪيون جڏهن ته ڀارت جي ٽيم جيڪا گروپ 2 ۾ پاڪستان سان شامل آهي کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ نيوزي لينڊ خلاف 47 رنسن تان شڪست کي منهن ڏيڻو هو ۽ ان جي ڪا پوائنٽ ناهي. بنگلاديش خلاف ميچ کٽڻ سبب قومي ٽيم جا حوصلا بلند آهن پر ڀارت جي ٽيم ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏني هئي. پاڪستان جي بالنگ بهترين آهي جڏهن ته ڀارت کي بيٽنگ ۾ سرسي حاصل آهي.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *