پاڪ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، دنيا کي ڪشمير مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو: مليٽري ڪميٽي نيٽو

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيٽو جي مليٽري ڪميٽي جي جنرل پيول چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ايٽمي طاقتون آهن، دنيا کي ڪشمير مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، دهشتگردي خاتمي جي گڏيل حڪمت عملي جو اعتراف ڪرڻ چاهيندس، جڏهن ته وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي ملڪ ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت افغان قيادت سان رابطي ۾ آهي، افغان حڪومت جي درخواست تي مفاهمتي عمل ۾ سهولت ڏئي رهيا آهيون، افغان قيادت ۾ ان جو پنهنجو مفاهمتي عمل افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لازمي آهي، پاڪستان ڪشمير لاءِ سياسي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو، ايوان وزيراعظم طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم نواز شريف نيٽو مليٽري ڪميٽي جي چيئرمين جنرل پيٽر پيول سان خميس تي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته اسان افغان قيادت کي آگاهه ڪيو آهي ته افغانستان جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن ۽ اسان پنهنجي لفظن تي قائم آهيون، وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن به پاڪستان افغانستان لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي امداد کانسواءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن ان کي مسئلن تي ڪنٽرول ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي، اسان حقيقت طور تي سمجهون ٿا ته افغانستان ۾ استحڪام اسان جي ملڪ ۽ خطي ۾ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي، وزيراعظم چيو ته مان خود ۽ چيف آف آرمي اسٽاف افغانستان جا دورا ڪيا ۽ ان کي دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سول ۽ عسڪري قيادت افغان قيادت سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي مسئلي تي مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي ۽ هن ٻٽي معيار جو سهارو ورتو آهي، ڀارت واقعي جي جاچ کانسواءِ اڙي حملي تي پاڪستان تي الزام مڙهيا آهن، ڀارت کي احساس نه آهي ته والاريل ڪشمير جي نوجوانن کي آزادي جي جدوجهد کي نئين قوت بخشي آهي، اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپا چاهيون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *