پاڪ-ڀارت وزير اعظمن جي ملاقات، مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق

اوفا (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت دهشتگردي سميت سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته امن کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ڀارت ۽ پاڪستان جي گڏيل ذميواري آهي، ان حوالي سان هو سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهن. اهو اتفاق راءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي 15 هين اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن هتي  ٿيندڙ ملاقات دوران ٿيو، ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. وزيراعظم نريندر مودي 2016ع ۾ ايندڙ سارڪ سربراهه اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي دعوت قبول ڪري ورتي. پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري ملاقات کانپوءِ ڀارتي هم منصب سبرامنيم جئه شنڪر سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ۽ ملاقات جي حوالي سان بيان پڙهي ٻڌايو. اعزاز احمد چوڌري چيو ته هي ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي ۽ علائقائي دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته امن کي يقيني بڻائڻ ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ ڀارت ۽ پاڪستان جي گڏيل ذميواري آهي. ان حوالي سان هو سمورن حل طلب مسئلن تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهن. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي ڏکڻ ايشيا مان ان لعنت جي خاتمي جي لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون تي اتفاق ڪيو. ڪو ٽائيم فريم ڏيڻ کانسواءِ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته سندن قومي سلامتي وارا صلاحڪار دهشتگردي بابت سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ نئين دهلي ۾ ملاقات ڪندا. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن ڀارتي ڊي جي بارڊر سيڪيورٽي فورس ۽ پاڪستان جي ڊي جي رينجرز جي جلد ملاقات تي پڻ اتفاق ڪيو جنهن کانپوءِ سندن لاڳاپيل ڊي جي ملٽري آپريشنز ملاقات ڪندا. سرحدي خلاف ورزي تي هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ گرفتار ٿيل مهاڻن کي ٻيڙين سميت 15 ڏينهن جي اندر آزاد ڪرڻ ۽ مذهبي سياحت ۾ سهولت جي لاءِ طريقيڪار تي ڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ٻنهي طرف آواز جي نمونن جي فراهمي جهڙي اضافي معلومات سميت ممبئي ڪيس ٽرائل کي تيز ڪرڻ جي طريقن تي ڳالهين جي لاءِ پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز ۽ وزيراعظم جو خصوصي معاون طارق فاطمي پڻ ٻنهي وزيراعظمن جي وچ ۾ ملاقات ۾ موجود هئا. ڀارتي وفد ۾ قومي سلامتي بابت صلاحڪار اجيت دوول ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سبرامنيم جئه شنڪر شامل هئا. ان کان اڳ ڳالهين کان اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو ۽ تصوير ڪڍرائي. وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب جي وچ ۾ آخري ڀيرو ملاقات سارڪ سربراهه اجلاس جي موقعي تي گذريل سال نومبر ۾ کٽمنڊو ۾ ٿي هئي. ان کان اڳ اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان صحافين کي ٻڌايو ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي مثبت اثر پوندا. ترجمان چيو ته عالمي برادري به پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري ۾ دلچسپي رکي ٿي، ان سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام پر پوري خطي کي فائدو پهچندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *