پاڪ-ڀارت سيريز لاءِ انتظامن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي: شهريار خان

لاهور/ممبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان پاڪ-ڀارت سيريز جي ٿيڻ بابت سموريون اميدون ختم ٿيڻ کانپوءِ آخر ڪار چئي ڇڏيو ته هاڻي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيريز لاءِ انتظامنجو وقت ختم ٿي چڪو آهي.پي سي بي چئيرمين شهريار خان جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي اختيارين جو چوڻ آهي ته کين حڪومت پاران سيريز بابت ڪو به سگنل ناهي مليو،جڏهن ته انگلش بورڊ جي چئيرمين جائلز ڪلارڪ کي چيو آهي ته  پاڪ ڀارت سيريز بابت پنهنجو ردِ عمل جو لکت ۾ جواب ڏئي، ڀارت پاران باقائدا جواب اچڻ کانپوءِ ئي سيريز بابت پنهنجي ردِ عمل جو اعلان ڪندو.ٻئي پاسي آئي پي ايل جي چئيرمين راجيو شڪلا به ڀارتي حڪومت پاران جواب نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته 2 هفتن گذرڻ کانپوءِ به حڪومت سيريز بابت ڪو به جواب ڇو ناهي ڏنو،سيريز بابت جيڪو به فيصلو ڪرڻو هو ان بابت ڀارتي حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *