پاڪ -ڀارت سيريز ايشز کان به وڏي قرار،اميد ته ٻنهي ملڪن ۾ اهو معاملو حل ٿي ويندو: جاويد ميانداد

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) : اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميانداد پاڪ -ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي بحالي جي حوالي سان بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر جي تازي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ٺاڪر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان جي قوم جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرڪيٽ نه ٿي کيڏي سگهجي، ڪرڪيٽ کيڏڻ مختلف ڳالهه آهي پر اسان جي اندروني سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي، سندس اهڙي بيان تي جاويد ميانداد چيو ته اسان جا رانديگر به ڀارت ۾ انڊين ٽيم خلاف کيڏندي غير محفوظ ۽ بي چيني محسوس ڪن ٿا پر ان کانپوءِ به  اسان هميشه هاڪاري ردعمل ڏيکاريو ۽ ڀارت ۾ کيڏڻ لاءِ تيار رهياسين، عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد چيو ڪيترين ئي عالمي ٽيمن گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان خلاف سيريز کيڏي پر هڪ بي سي سي آءِ عهديدار جو اهو بيان ٻاراڻو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ ڪرڪيٽ لاڳاپن کي ڪو  فائدو نه پهچندو، ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ پاڪ -ڀارت سيريز ضروري آهي، جڏهن ته مان ان کي ايشز کان به وڏي سيريز قرار ڏيندس ۽ اها سيريز ضرور ٿيڻ گهرجي، ميانداد اميد ظاهر ڪئي ته انتهائي اعليٰ سطح تي ڀارتي اختيارين جي مداخلت سان اهو معاملو حل ٿي سگهي ٿو،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *