پاڪ-ڀارت جو گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق، پاڪستان سارڪ جو ايندڙ چيئرمين هوندو: جئي شنڪر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ ڀارت، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر جو چوڻ آهي ته هن پنهنجي پاڪستاني هم منصب اعزاز چوڌري کي ممبئي حملي ڪيس ۽ سرحدي ڀڃڪڙين بابت موقف کان آگاهه ڪيو. اسلام آباد ۾ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر پرڏيهي آفيس پهتو ته سندس پاڪستاني هم منصب اعزاز چوڌري آجيان ڪئي. بعد ۾ ٻنهي سيڪريٽريز وچ ۾ باضابطه ملاقات شروع ٿي. پاڪستان ۽ ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽريز وچ ۾ ملاقات دوران ٻطرفن لاڳن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڳالهين طرفان پاڪستان طرفان موقعف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان ڀارت سان جامع ڳالهيون بحال ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اعزاز چوڌري چيو ته جامع ڳالهين جو عمل ڀارت طرفان معطل ڪيو ويو هو جنهن کي بحال ڪرڻ به ان جي ئي ذميواري هئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري سطح جون ڳالهيون بهتر ماحول ۾ ٿيون. جئه شنڪر چيو ته ملاقات دوران پاڪ ڀارت سرحدي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جئه شنڪر چيو ته هــُن پاڪستان کي ممبئي حملي ڪيس ۽ سرحدپار ڀڃڪڙين بابت موقف کان آگاهه ڪيو. ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر چيو ته پاڪستان سارڪ جو ايندڙ چيئرمين هوندو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري جئه شنڪر اڄ شام وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪندو جنهن بعد هــُو پريس ڪانفرنس ڪندو. ياد رهي ته ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڪشميري حريت پسند اڳواڻن سان ملاقات کي جواز بڻائي پاڪستان سان پرڏيهي سيڪريٽري تي شروع ٿيندڙ ڳالهيون معطل ڪري ڇڏيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *