پاڪ – نيوزيلينڊ وومين ٽيمون سڀاڻي چوٿين ون ڊي ۾ آمهون سامهون

نيلسن (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي عورت ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چوٿين ون ڊي ميچ سڀاڻي نيلسن ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ٽيم کي پنج ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل آهي. پهرين ميچ ۾ بليڪ ڪيپس 8 وڪيٽن، ٻي ميچ ۾ 60 رنسن ۽ ٽين ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ آخري ون ڊي ميچ 19 نومبر تي کيڏي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *