پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهن: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي انت لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، سماج دشمن عنصرن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا، دهشتگردن کي سهولتون ڏيندڙ ۽ پناهه ڏيندڙن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي کي دهشتگردي پاڙان ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عمران خان پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ملڪ جي فائدي ۾ آهي، هڪ انٽرويو ۾ خواجه آصف چيو ته سزا مليل دهشتگردن کي ڦاهي ڏيڻ جي عمل سان دهشتگردي جا وڌيڪ خدشا آهن، اسان جا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جا منصوبا ناڪام بڻائڻ لاءِ خاص قدم کڻي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *